سندھی کے معروف تخلیق کار "زیب سندھی” کی خوبصورت نظم
میں کارونجھر پہاڑ کی دوسری جانب رہتا ہوں!

مان ڪارونجهر جبل جي ٻئي پاسي رهندو آهيان!
مان ڪارونجهر جبل جي
ٻئي پاسي رهندو آهيان
مان جبل تان لهي
سمنڊ ڏانهن پئي ويس
رستي ۾ صحرا هيو
صحرا جي سفر ۾
هڪ سانوري
صحرائي ڇوڪري ملي
تتل صحرا ۾
مون هن جي
نيرين گھرين
اکين ۾ ڏٺو ته
ٿڌڙي هير جو
هڪ جهوٽو
منهنجي وجود جي
گھراين ۾ لهي ويو
۽ پوءِ مون کي
سمنڊ تي وڃڻ جي
ضرورت ئي
محسوس نه ٿي
ڇو ته
صحرا جي اها
نيرين گھرين اکين واري
سانوري ڇوڪري
پنهنجين اکين ۾
سمنڊ کڻي هلندي آهي!
مان ڪارونجهر جبل جي
ٻئي پاسي رهندو آهيان
۽ اها سانوري صحرائي ڇوڪري
منهنجي دل ۾ رهندي آهي!!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ زيب سندھی ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
میں کارونجھر پہاڑ کی دوسری جانب رہتا ہوں!
میں کارونجھر پہاڑ کی
دوسری جانب رہتا ہوں
میں پہاڑ سے اتر کر
سمندر کی جانب جا رہا تھا
راستے میں صحرا تھا
صحرا کے سفر میں
ایک سانولی سی
صحرائی لڑکی ملی
تپتے صحرا میں
میں نے اس کی
نیلی گہری
آنکھوں میں جھانکا تو
ہوا کا اک ٹھنڈا جھونکا
میرے وجود کی
گہرائیوں میں اتر گیا
اور پھر مجھے
سمندر پر جانے کی
ضرورت نہیں رہی
کیوں کہ
صحرا کی وہ
نیلی آنکھوں والی
سانولی سی لڑکی
اپنی آنکھوں میں
سمندر لے کر چلتی ہے !
میں کارونجھر پہاڑ کی
دوسری جانب رہتا ہوں
اور وہ سانولی صحرائی لڑکی
میرے دل میں رہتی ہے !!
۔۔۔۔۔۔۔ زیب سندھی ۔۔۔۔۔